فاطمه ڀٽو

فاطمه ڀٽو

فاطمه ڀٽو

فاطمه ڀٽو : فاطمه ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پوٽي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽي جي نياڻي، 29 مئي، 1982ع تي جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم آمريڪن اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. گريجوئيشن ڪولمبيا يونيورسٽي آمريڪا جي برنارڊ ڪاليج مان ۽ ماسٽرس اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز، لنڊن يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. فاطمه ڀٽو هڪ سٺي ليکڪا ۽ شاعره آهي. سندس ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جن مان پهريون “Whispers of the Desert” سندس انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب آهي، اُها شاعري هن 15 سالن جي عمر کان وٺي ڪئي هئي، جنهن ۾ هن پنهنجي پيءُ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽي جي يادن کي احساساتي روپ ڏنو آهي. سندس ٻيو ڪتاب ’8:50 am‘ آهي، جيڪو 8 آڪٽوبر 2005ع تي اترين علائقن ۾ آيل زلزلي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان بابت آهي. هي ٻئي ڪتاب آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان ڇپايا ويا آهن. هوءَ پاڪستان جي وڏين اخبارن، جنگ ۽ انٽرنيشنل نيوز ۾ هفتيوار ڪالم به لکندي رهي آهي. هن تازو لبنان جي دوري دوران اسرائيلي حملن متعلق هفتيوار ڊائري به لکي آهي. مير مرتضيٰ ڀٽي 1982ع ۾ افغانستان مان پهرين شادي ڪئي هئي، جنهن مان فاطمه ڀٽو ڄائي. ان گهر واريءَ کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ پاڻ ٻي شادي غنويٰ سان ڪيائين. جنهن فاطمه ڀٽو جي پرورش هڪ ماءُ وانگر ڪئي. هوءَ پنهنجي پيءَ جي جدوجهد کي اڳيان وڌائي رهي آهي. شهيد محترمه بينظير جي شهادت تائين پاڻ سندس تمام گهڻو ويجهو رهي ۽ محترمه شهيد به مير مرتضيٰ جي هن نشانيءَ کي سدائين جيءَ ۾ جايون ڏيندي هئي. جنهنڪري فاطمه ڀٽو کي پنهنجي پڦيءَ جي شهادت جو سخت صدمو رسيو. هن وقت هوءَ ماءُ سان گڏ پيپلزپارٽيءَ (شهيد ڀٽو) سان وابسته آهي. فاطمه ڀٽو جو نئون ڪتاب ‘Songs of Blood & Sword’ پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن جو مهورت تازو اپريل، 2010ع ۾ ڀارتي شهر بئنگلور ۽ ڪراچيءَ ۾ ڌار ڌار ٿيو.


لفظ فاطمه ڀٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو